سخي هاشم شاهه جو چلي وارو حجرو

سخي هاشم شاهه جو چلي وارو حجرو (ماڳ): مٽيارين جي پراڻي شاهي بازار ۾ هڪ اوتارو آهي، جنهن کي وڏو ميدان آهي. اتي هڪ ننڍڙي عمارت ٺهيل آهي، عمارت جو وچون تاج وڏو آهي، ٻنهي ڪنڊن سان برجيون ڏنل آهن. اهڙي نموني ڪل ٽي برجيون ٺهيل آهن، هڪ ڪنڊ تي وڏي برجي تاج وٽ، ان کان ننڍي برجي ۽ ٻيءَ ڪنڊ تي ڪجهه تاج کان وڏيري برجي آهي. مهاڙيءَ تي مختلف چٽ چٽيل آهن، جيڪي تازا لڳن ٿا. اندر هڪ تڏو پيل آهي، جنهن لاءِ روايت آهي ته انهيءَ تڏي تي سخي هاشم شاهه 22 سال ويٺو ۽ چلا ڪڍيائين. ان جي ڀرسان ننڍڙو پينگهو پيل آهي، جنهن تي ڪافي پَڙ پيل آهن، الهنديءَ ڀت سان ٽي نغارا رکيل آهن، جيڪي ٺڪر جا وچ مان بونبو ڏنل ٻاهر نڪتل پيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو